اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ريلوي جهڙي قومي اداري کي خساري مان ڪڍڻ جي لاءِ بنا رڪاوٽ سڌاراج??تي عمل ضروري آهي، بهتر ريلوي نظام سان نه رڳو عوام کي اچ وڃ جي بهتر سهولت ملندي پر ٽريفڪ جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ معاشي بهتري ۾ پڻ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ريلويز ۾ جاري سڌاراج??تي عمل، ڪراچي سرڪلر ??يلوي منصوبي ۾ اڳڀرائي ۽ پرائم منسٽري ريلوي گرين انيشيئيٽو جي ح??ال?? سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ريلوي واري وفاقي وزير محمد اعظم خان سواتي، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، اداراج??تي سڌارن واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، وفاقي سيڪريٽرين ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڪراچي شهر جي مسئلن جي حل جي ح??ال?? سان ٻڌايو ويو ته لاهور ڪراچي ريلوي ٽريڪ جي متوازي مال بردار گاڏين جي لاءِ هڪ مخصوص فريٽ ڪوريڊور ٺاهڻ جو منصوبو غور هيٺ آهي، جنهن ذريعي پپري کي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ سان ڳ??ڍيو ويندو، ان ڪوريڊور جي نتيجي ۾ مال برداري ۾ آساني ۽ شهر ۾ ٽريفڪ جي مسئلن ۾ گهٽتائي ٿيندي. ڪراچي سرڪلر ??يلوي منصوبي جي ح??ال?? سان ٻڌايو ويو ته ان ح??ال?? سان پاڪستان ريلوي بي او ٽي بنيادن تي ماڊل تيار ڪ??و آهي جنهن ذريعي مسافرن کي بهتر سروس جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهبو. منصوبي جي ٽيڪنيڪل ڊيزائن ۽ فنانشل ماڊل جي تياري جي ح??ال?? سان ڪنسلٽنٽ مقرر ڪ??و ويو آهي. جيڪو 30 ڏينهن ۾ پنهنجون تجويزون پيش ڪندو. ريلوي سڌارن جي ح??ال?? سان ٻڌايو ويو ته پاڪستان ريلويز جي نقصانن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ اداري کي ٻڏڻ کان بچائڻ جي ح??ال?? سان تفصيلي سڌاراج??تي پروگرام تي ڪم جاري آهي.
ريلوي کي خساري مان ڪڍڻ لاءِ سڌاراجاتي عمل ضروري آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں