اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وفاقي زرعي ڪميٽي (ايف سي اي) جو اجلاس غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، ٿيندڙ اجلاس ۾ ربيع جي مند 21 -2020ع جي فصلن جو جا??زو ۽ ربيع جي فصلن جا هدف مقرر ڪيا ويا. ربيع جي فصلن جي جائزي دوران ٻڌايو ويو ته هلندڙ مند 21 -2020ع دوران ڪڻڪ جي پيداوار جو ڪاٿو 26.04 ملين ٽن آهي جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 1.7 سيڪ??و وڌيڪ آهي، مجموعي طور تي 9.191 ملين، هيڪٽرز زمين تي ڪڻڪ پوکي وئي، ايف سي اي کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ مند 21 -2020ع دوران پٽاٽي جي پيداوار جو ڪاٿو 5742.7 ه??ار ٽن آهي جڏهن ته 226.1 ه??ار هيڪٽرز تي پٽاٽو پوکيو ويو آهي، هلندڙ مند دوران پٽاٽي جي پيداوار ۽ گذريل سال جي مقابلي ۾ 829.7 سيڪ??و وڌيڪ آهي، اجلاس ۾ ٻين ضروري جنسن چڻن، دالين، بصر، ٽماٽي جي پيداوار جو به جا??زو ورتو ويو، اجلاس ۾ ايندڙ مند خريف 22 -2021ع جي فصلن جا هدف مقرر ڪيا ويا، خريف دوران ڪپهه جي پيداوار جو هدف 10.5 ملين ڳٺڙيون مقرر ڪيو ويو جڏهن ته 2.33 ملين هيڪٽرز تي ڪپهه جي پوک ڪئي ويندي، چانور جي پيداوار جو هدف 3.07 ملين مقرر ڪيو ويو، اجلاس دوران ٻين فصلن مڪئي، مڱ، ماش، مرچن جا هدف به مقرر ڪيا ويا، ايندڙ مند 22 -2021ع دوران ڪمند جي پيداوار جو هدف 74.84 ملين ٽن مقرر ڪيو ويو جڏهن ته 1.18 ملين هيڪٽرز رقبي تي ڪمند پوکي ويندي، خريف جي مند 22 -2021ع دوران زرعي شين جي صورتحال جو به جا??زو ورتو ويو.
وفاقي زرعي ڪميٽي (ايف سي اي) جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی