اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سڄي ملڪ ۾ پيغام پاڪ??تا?? ضابطه اخلاق تي عملدرآمد جي اعلان کي خوش آئنده ق??ار ڏيندي چيو آهي ته اسلام سلامتي، امن، ڀائيچاري، صبر، برداشت ۽ عدم تشدد جو مذ??ب آهي، فرقيواراڻي نفرت، هٿياربند فرقيوراڻي وڳوڙن ۽ طاقت جي زور تي پنهنجا نظريا ٻين تي مڙهڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي مذ??بي هم آهنگي ۽ وچ اوڀر ۽ پاڪ??تا?? علماءُ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ محمد طاهر محمود اشرفي سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت ملڪ ۾ محرم الحرام دوران امن امان جي قيام لاءِ هر ممڪن قدم کڻي ??هي آهي، ان ڏس ۾ پاڪ??تا?? علماءُ ڪائونسل ۽ متحده علماءُ بورڊ جو ملڪ ۾ مهذهبي هم آهنگي ۽ ڀائيچاري جي فروغ لاءِ ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ مذ??بي هم آهنگي جي فروغ لاءِ ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته ڪجهه عنصر ملڪ ۾ فرقيواريت کي هوا ڏيڻ لاءِ ملڪ دشمن قوتن جي هٿن ۾ کيڏي رهيا آهن، اهي پنهنجي ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، ان موقعي تي حافظ طاهر محمود اشرفي چيو ته شريعت لاڳو ڪرڻ جي نالي تي طاقت جو استعمال، رياست جي خلاف هٿياربند محاذ آرائي، تخريبڪاري ۽ فساد ۽ دهشتگردي جون سموريون صورتون شريعت جي لحاظ کان حرام آهن، هن چيو ته سمورن مسلڪن جا عالم ۽ مفتي انتهاپسنداڻي ??وچ ۽ شدت پسندي کي رد ڪن ٿا، محرم الحرام دوران امن ۽ امان کي هر صورت ۾ برق??ار رکيو ويندو، ملاقات دوران ملڪ ۾ محرم الحرام جي دوران امن امان کي برق??ار رکڻ لاءِ قدمن تي پيغام پاڪ??تا?? ضابطه اخلاق تي عملدرآمد جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
اسلام سلامتي، امن، ڀائيچاري، صبر، برداشت ۽ عدم تشدد جو مذهب آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں