اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 1.2 ارب رپين جي جعلي انوائس اسڪينڊل ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايف بي آر جي 1.2 ارب رپين جي 42 درخواستن ??ي اڪلائي ڇڏيو. ايوان ??در ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب ايف بي آر وفاقي ٽيڪس محتسب جي سوموٽو ڪيسز ۾ فيصلي جي خلاف صدر ??ي اپيل ڪئي هئي. اسڪينڊل ۾ ايف بي آر عملدارن ڪوڙن دعويدارن کي جزوي يا مڪمل طور تي سيلز ٽيڪس ريفنڊ ادا ڪيا هئا ۽ ايف بي آر جي ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف انٽيليجنس ان ??علسازي جو پڙدو فاش ڪيو هو. واضح رهي ته فيلڊ فارميشن کي ريڊ الرٽ جاري ڪرڻ جي باوجود ملوث عملدارن جي خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي هئي. وفاقي ٽيڪس محتسب واقعي تي سوموٽو نوٽيس وٺندي ذميوارن جو تعين ڪرڻ ۽ ڪارروائي شروع ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي هئي. ايف بي آر صدر ??ي حڪمن ۽ وفاقي ٽيڪس محتسب جي سفارشن تي 130 جعلي ريفنڊ ڪيسز ??ي اڪلائڻ جي لاءِ 6 انڪوائري ڪميٽيون جوڙيون. انڪوائري ڪميٽين کي ذميوارن جو تعين ڪرڻ سان گڏوگڏ چارج شيٽ جو مسودو 30 ڏينهن ۾ پيش ڪرڻو هو. صدر ايف بي آر جون اپيلون رد ڪندي ماهوار عملدرآمد رپورٽ وفاقي محتسب کي پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جوابدارن کي شنوائي جو حق ڏ??ڻ ۽ انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي.
صدر 1.2 ارب رپين جي جعلي انوائس اسڪينڊل ۾ ايف بي آر جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو