لاهور – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين روزاني انصاف جي چيف ايڊيٽر ۽ پروگرام حسب حال جي اينڪر پرسن جنيد سليم جي گهر وڃي سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪ??و ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وزير چيو ته جنيد سليم جي والده جو لاڏاڻو ناقابل تلافي نقصان آهي، ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شر??ڪ آهيون. هن الله تعاليٰ کان دعا ڪئي ته مرحومه کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado