اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) پاڪس??ان تحريڪ انصاف جي 20 رڪني مرڪزي ايڊوائيزري ڪميٽي جي نالن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. پاڪس??ان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ وزيراعظم عمران خان پاران اهو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب ايڊوائيزري ڪميٽي ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن وارو وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد ??سين، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود، دفاع واري وزير پرويز خٽڪ، عامر محمود ڪياني، وفاقي وزير مخدوم خ??رو بختيار، علي زيدي، حماد ??ظهر، علي امين گنڊاپور، شيرين مزاري، مراد ??عيد، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، خيبرپختونخوا جو وڏو وزير محمود خان، پنجاب جو وڏو وزير عثمان ب??زد??ر، پنجاب جو گورنر چوڌري محمد سرور، سينيٽر سيف الله خان نيازي ۽ خان محمد جمالي شامل آهن.