اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته مستقبل جو عالمي نظ??م اخلاقيات، انصاف ۽ انساني همدردي تي ٻڌل هجڻ گهرجي، موجوده ورلڊ آرڊر ۾ دولت ۽ طاقت کي اهميت حاصل آه??، جڏهن ته انسانيت جي ضرورت اخلاقي قدر آه??، ڪاروبارن ۾ به انهن رخن کي نظ?? ۾ رکيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽيلي نار پاڪستان جي اهتمام هيٺ ”اخلاقيات ۽ ڪاروبار“ جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ٽيلي نار پاڪستان جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر عرفان وهاب به ان موقعي تي خطاب ڪيو. صدر ڪاروباري شعبي ۾ اخلاقي اصولن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ڪاروبار ۾ منافعي سان گڏوگڏ ورڪرن جي حقن جي تحفظ، مالياتي لحاظ کان پائيداريت، انساني همدردي ۽ انصاف جي رخن کي نظ?? ۾ رکڻ گهرجي. هن دنيا ۾ مختلف معاشي نظ??من جي ڀيٽ پيش ڪندي چيو ته ڪاروبار منافعي لاءِ ئي ڪيو ويندو آه??، جيتوڻيڪ ان سان گڏوگڏ ٻين معاشرتي ذميدارين تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آه??، ان حوالي سان بل گيٽس اينڊ ميلنڊا فائڊيشن جو مثال موجود آه??، هن چيو ته بدعنواني صرف مالي ناهي ٿيندي پر ان جا ٻيا اخلاقي ۽ معاشرتي پاسا به آه??، جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آه??، جعلي خبرن سان ٿيندڙ نقصان به اسان جي سامهون آه??، صدر چيو ته موجوده دور ۾ ملٽي نيشنل ڪمپنيون ملڪي پاليسين ۽ فيصلن تي اثر انداز ٿيڻ جي صلاحيت رکن ٿيون، عالمي معاملن ۾ مفادن کي ترجيح حاصل آه??، جڏهن ته دنيا جي امن ۽ انسانيت جي مستقبل جي لاءِ اخلاقي اصولن جي بنياد تي فيصلا ڪرڻ جي اهميت آه??، ان تناظر ۾ دنيا کي هڪ نئين نظ??م جي ضرورت آه??، جيڪو اخلاقيات ۽ انساني همدردي جي اصولن تي ٻڌل هجي. ان کان اڳ ٽيلي نار جي سي اي او عرفان وهاب صدر جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته ٽيلي نار کي پاڪستان ۾ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪندي 17 سال مڪمل ٿي ويا آه??، ان مناسبت سان اسان ڪاروبار ۾ اخلاقيات ۽ شفافيت جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ سنجيده ڪوششن جو آغاز ڪيو آه??.
مستقبل جو عالمي نظام اخلاقيات، انصاف ۽ انساني همدردي تي ٻڌل هجڻ گهرجي: صدر
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania