اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۾ صحت جي شعبي جي بهتري لاءِ هڪ ٻيو وڏو قدم کڻندي سڄي ملڪ ۾ سي پي آر ٽريننگ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ايمرجنسي حالتن ۾ ??يا??ي بچائيندڙ عالمي معيار جي سي پي آر تربيت لکين زندگيون بچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ۾ اسٽريٽجڪ ر??فارمز جي سربراهه سلمان صوفي ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف ان حوالي سان اسٽريٽجڪ ر??فارمز جي سربراهه کي فوري قدمن جي هدايت ڪندي چيو ته ??يا??ي بچائيندڙ سي پي آر ٽريننگ کي اسڪولن جي نصاب ۾ شامل ڪيو ويندو. سلمان صوفي چيو ته ان کانسواءِ هر شهر کي سي پي آر جي تربيت ڏيڻ به مهم جو حصو هوندو، ايندڙ هفتي ان ملڪ گير مهم جي حوالي سان مڪمل حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو. سلمان صوفي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف صحت جي شعبي ۾ ميرٽ جي بالادستي، عالمي معيار جي تعليم ۽ پنج??ب صوبي ۾ اسپتالون قائم ڪرڻ کي يقيني بڻايو. وزيراعظم وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ قومي سطح تي صحت جي شعبي ۾ سڌارن جو پروگرام شروع ??رڻ وڃي رهيو آهي. ملڪ گير ??يا??ي بچائيندڙ سي پي آر جي تربيت جي مهم ان سلسلي جي پهرين ڪڙيءَ آهي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران پاڪستان ۾ صحت جي شعبي جي بهتري لاءِ هڪ ٻيو وڏو قدم، سڄي ملڪ ۾ سي پي آر ٽريننگ منعقد ڪرڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2