اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آه?? ته اسان ڏينهن رات محنت ڪري پاڪستان جي تقدير بدلائينداسين، به??ره ڪهو باءِ پاس جو منصوبو ڏينهن رات هڪ ڪري چئن مهينن ۾ مڪمل ڪيو وڃي، اسلام آباد انٽرسٽي بسن جو منصوبو هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪيو وڃي، اسان کي محنت سان پاڪستان جو وڃايل مقام ٻيهر حاصل ڪرڻو آه??. وزيراعظم محمد شهباز شريف 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي راول چوڪ فلائي اوور اسلام آباد جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم سان گڏ اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن حنيف عباسي، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، ملڪ ابرار، اسيمبلي ميمبر طاهره اورنگزيب، زهره ودود فاطمي، طارق فاطمي، دانيال چوڌري، سي ??ي اي، ايف ڊبليو او ۽ ٻين ادارن جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. منصوبي سان راولپنڊي اسلام آباد جا شهري فائدو کڻندا ۽ ٽر??فڪ جي وهڪري ۾ آساني ٿيندي. سي ??ي اي چيئرمين عامر احمد علي پاران بريفنگ ڏيندي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اورنج لائين بسن جو انگ شروع ۾ 15 هو جيڪو هاڻي وڌي 35 ٿي ويو آه??. وزيراعظم جي هدايت تي ميٽرو بسن جي انگ ۾ 20 بسن جو اضافو ڪيو آه??. هاڻي ٽي وڌيڪ بس سروس جي پڻ شرو??ات ڪئي پئي وڃي، ان ۾ هڪ سروس ترامڙي کان آبپ??ره پارڪ روڊ، واهه ڪينٽي رستي کان ٿيندي اين 5 ۽ کنا کان نيلور شامل آه??. راول روڊ فلائي اوور کي مڪمل ڪري ورتو آه??، ٻن ڦاڪن واري انڊر پاس کي 20 کان 25 ڏينهن ۾ مڪمل ڪنداسين. سي ??ي اي رهائشي منصوبن تي پڻ تيزي سان عمل ڪري رهيو آه??، به??ره ڪهو باءِ پاس جي تعمير جي سيپٽمبر جي پهرين هفتي ۾ ايف ڊبليو او شرو??ات ڪندي. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي هتي موجود سڀني شرڪت ڪندڙن کي آزادي جي ڏهاڙي جي مبارڪباد هجي، اسان جي بزرگن قائداعظم جي عظيم قيادت ۾ لکين جانين جا نذرانا پيش ڪري خداداد مملڪت پاڪستان حاصل ڪيو، اڄ ان جي 75 هين سالگرهه آه?? ۽ پوري قوم اهو ڏينهن وڏي اهتمام ۽ جوش جذبي سان ملهائي رهي آه??. برساتن جي باوجود ايتري وڏي انگ ۾ توهان جي هتي موجودگي ان ڳالهه جو ثبوت آه?? ته اڄ جي ڏينهن پاڪستان جو آزادي جو ڏهاڙو ملهائيندي ان ڏينهن کي گواهه بڻائي وچن ڪريون ته جهڙي طرح قائداعظم ۽ لکين مسلمانن تحريڪ هلائي اهڙي طرح اسان اڄ پڪو ارادو ڪري پاڪستان جي تقدير بدلائينداسين ۽ پاڪستان کي ان جو وڃايل مقام ڏيارينداسين. وزيراعظم چيو ته راول چوڪ فلائي اوور جو منصوبو ڪيترن ئي سالن کان سستي جو شڪار هو، ان ۾ تيزي آندي وئي ۽ اڄ اهو پڄاڻي جي مرحلي ۾ آه?? جيڪا خوش آئنده ڳالهه آه??، ڪاش اسان سڄي ملڪ ۾ منصوبن کي انهي تيزي سان ممڪل ڪريون. هن چيو ته اسان ڏينهن رات محنت ڪريون، گڏجي هن ملڪ جي تقدير بدلايون. آئون عامر علي ۽ سندس ٽيم، ايف ڊبليو او جي ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته ڪاش نيون بسلون اڳ ۾ گهرايون وڃن ها ته اڄ اهي معاملا ايترا ڳنڀير نه هجن ها، تنهن هوندي به اها دير وڌيڪ نه آه?? توهان سٺو ڪم ڪيو آه??. هن چيو ته اسلام آباد ۾ انٽرسٽي بسون هلائڻ جو ڪم هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪريو، راول چوڪ انڊر باس کي جلد مڪمل ڪريو. هن چيو ته به??ره ڪهو باءِ پاس کي مڪمل ڪرڻ بابت مون کي تفصيلي بريفنگ ڏيو، جيڪڏهن 24 ڪلاڪ ڪم ڪري ان منصوبي کي چئن مهينن ۾ مڪمل ڪريو جيڪو ممڪن آه?? ته ان تي سي ??ي اي چيئرمين کي تمغه امتياز ڏينداسين. هن چيو ته اسان وڏا وڏا منصوبا پوري ملڪ ۾ گهٽ کان گهٽ مدي ۾ مڪمل ڪيا آه?? ۽ وڌيڪ ٺاهينداسين.
اسان ڏينهن رات محنت ڪري پاڪستان جي تقدير بدلائينداسين، بهاره ڪهو باءِ پاس جو منصوبو ڏينهن رات هڪ ڪري چئن مهينن ۾ مڪمل ڪيو وڃي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات