منگلا – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف منگلا بجلي گهر جي يونٽ 5 ۽ 6 جي ريفربشمنٽ منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب منگلا بجيل گهر جي ريفربشمنٽ جي منصوبي تحت سمورن يونٽ ۾ 50 سال پراڻي مشينري لڳائي پئي وڃي. ريفربشمنٽ منصوبي جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ منگلا بجلي گهر جي صلاحيت 1000 مي??اواٽ مان وڌي 1310 مي??اواٽ ٿي ويندي جنهن جي نتيجي ۾ سالانو 5.6 بلين يونٽ ص??ف، ما??ول دوست ۽ گهٽ لاڳت بجلي پيدا ڪئي ويندي. منصوبي جي ??هر??ن مرحلي يعني 10 مان 6 يونٽس جي ريفربشمنٽ تي اٽڪل 90 سيڪڙو ڪم مڪمل آهي. ڪالهه سومر ڏينهن وزيراعظم يونٽ نمبر 5 ۽ 6 جي مڪمل ٿيڻ جو افتتاح ڪيو. مجموعي طور تي 483 ملين ڊالر جي لاڳت سان جاري ان منصوبي ۾ يو ايس ايڊ پاران 150 ملين ڊالر جي گرانٽ، 90 ملين يورو جو اي ايف ڊي لون ۽ و??پڊ?? پاران 178 ملين ڊالر فراهم ڪيا پيا وڃن. ان موقعي تي خاص معاون طارق فاطمي، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم سردار تنوير الياس، چيئرمين و??پڊ?? ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني، آمريڪا جو پاڪستان ۾ سفير ڊونلڊ بلوم، يو ايس مشن ڊائريڪٽر ريڊ ايسچليمين (Reed Aeschiliman) پڻ موجود هو.
وزيراعظم پاران منگلا بجلي گهر جي يونٽ 5 ۽ 6 جي ريفربشمنٽ منصوبي جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا