اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزي??اع??م شهباز شريف ساهيوال مان مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر محمد اشرف جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اها گرفتاري سياسي انتقام آهي، اينٽي ڪ??پش?? پنجاب کي سياسي مخالفن جي خلاف استعمال ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ آهي. وزي??اع??م آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ وزي??اع??م چيو ته عمران خان جي چوڻ تي اينٽي ڪ??پش?? پنجاب کي سياسي انتقام جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، پي ٽي آءِ اڄ به بدترين سياسي انتقام جي پنهن??ي منفي روش تي ڪاربند آهي، چار سال توهان اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏسي چڪا آهيو، سياسي انتقام جو ملڪ ۽ عوام کي ناقابل تلافي نقصان ٿيو. هن چيو ته نيب، ايف آءِ اي و??نگ?? هاڻي اينٽي ڪ??پش?? پنجاب کي سياسي مخالفن جي سياسي استعمال ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ قابل مذمت آهي، سياسي انتقام سان مخالفن کي ڌمڪائڻ بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. وزي??اع??م گرفتار قومي اسيمبلي ميمبر محمد اشرف سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم پاران ساهيوال مان مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر محمد اشرف جي گرفتاري جي سخت مذمت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری