اسلام آباد– 27 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان فلسطين جي شهر جنين تي اسرائيل جي وحشياڻي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ هڪ وڏي عمر جي عورت سميت ڪيترائي بيگناهه فلسلطيني شهيد ۽ 20 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ??اري بيان موجب هلندڙ مهيني ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ 30 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. بيا?? ۾ ??يو ويو آهي ته پاڪستان ??المي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اها اسرائيلي قابض فوج جي انهن ڪاررواين کي روڪرائڻ ۽ فلسطيني عوام جي انساني حقن جي مناسب تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجي ذميواري ادا ڪري. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي بنيادي حقن بشمول خودمختياري جي حق کي مڪمل حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي جائز جدوجهد جي پنهنجي مضبوط ۽ اڻٿڪ حمايت کي ورجائي ٿو. بيان موجب پاڪستان ??ي حڪومت ۽ عوام متاثرين جي گهرڀ??تي?? سان ??لي تعزيت جو اظهار ڪن ٿا ۽ ان وحشياڻي حملي ۾ زخمين جي مڪمل ۽ جلد صحتيابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪن ٿا. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب 1967ع کان ??ڳ جي سرحدن ۽ القدس الشريف کي ان ??ي گادي واري شهر جي طور تي هڪ قابل عمل ۽ آزاد فلسطيني رياست جي لاءِ پنهنجي مطالبي جي تجديد ڪري ٿو.
پاڪستان پاران فلسطين جي شهر جنين تي اسرائيل جي وحشياڻي حملي جي سخت مذمت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت