اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف جي قيادت ۾ هڪ اعليٰ سطحي پاڪستاني وفد افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جا??ي بيان موجب وفد نائب وزيراعظم ملا عبدالغني برادر اخوند، دفاع واري وزير مولوي محمد يعقوب مجاهد، گهرو وزير سراج الدين حقاني ۽ پرڏيهي وزير امير خان متقي سميت عبوري افغان حڪومت جي سينيئر قيادت سان ملاقات ڪئ??. ترجمان موجب خطي ۾ دهشتگردي خاص طور تي ٽي ٽي پي ۽ آءِ ايس ڪي پي پاران وڌندڙ خط??ي بابت معاملا بحث هيٺ آ??ا. ڌرين مختلف ادارن ۽ تنظيمن پاران دهشتگردي جي خطري کي موثر طريقي سان منهن ڏيڻ جي ل??ءِ تعاون تي اتفاق ڪيو. بيان موجب ڌرين ??نه?? ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ