بخارسٽ – 10 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريش?? چيو آهي ته پاڪستان رومانيا سان و??يع البنياد ۽ نتيجاخيز لاڳاپا قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن بخارسٽ ۾ رومانيا جي وزيراعظم نڪولائ?? چيوڪا سان ملاقات دوران چئي. وزيراعظم رومانيا ج?? چيف آف پروٽوڪول پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير رومانيا جي وزيراعظم نڪولائ?? چيوڪا کي وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪس??ان?? قيادت پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. ملاقات ۾ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ خوشگوار لاڳاپن تي روشني وڌي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان رومانيا سان و??يع البنياد ۽ نتيجاخيز لاڳاپا قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ تازي بهتري ٻنهي ملڪن جي قيادت جي ويزن جو اظهار آهي. پرڏيهي وزير رومانيا پاران ڪورونا وائرس جي وبائي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ کنيل موثر قدمن کي ساراهيو ۽ پاڪس??ان?? عوام جي لاءِ رومانيا جي حڪومت پاران ڪوويڊ جي خاتمي واري ويڪسين جون 500000 خوراڪن جي تحفي جي اعلان تي وزيراعظم نڪولائ?? چيوڪا جا ٿورا مڃيا. رومانيا جي وزيراعظم افغانستان جي ڏس ۾ پاڪستان جي ڪردار ۽ رومانيا جي شهرين جي انخلا ۾ اسلام آباد پاران فراهم ڪئي ويندڙ مدد کي ساراهيو. رومانيا جي وزيراعظم سان ملاقات دوران پرڏيهي وزير اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي خاص طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ صورتحال جي سنگيني ۽ افغانستان جي ڏس ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي وزير يورپي يونين ۾ پاڪستان جي لاءِ جي ايس پي پلس ج?? حوالي سان رومانيا جي حمايت کي ساراهيو. رومانيا جي وزيراعظم مسٽر نڪولائ?? چيوڪا پرڏيهي وزير کي رومانيا اچڻ تي ڀ??يڪار چوندي نيڪ خواهشن جي اظهار تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا.
پاڪستان رومانيا سان وسيع البنياد ۽ نتيجاخيز لاڳاپا قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب