اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته بي اعتمادي رٿ عمومي نه آهي، حڪومت وٽ موجود ثبوتن مان واضح آهي ته بي اعتمادي رٿ عالمي سازش جو حص?? آهي، پاڪستان ۾ هارس ٽريڊنگ تي پوري قوم کي ڳڻتي آهي، سپريم ڪورٽ کي پنهنجي ??يصلي تي نظرثان?? ڪرڻ گهرجي، وفاقي ڪابينا سڀاڻي سڀني قومي اسيمبل?? جي ميمبرن جي سامهون بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان ثبوت رکڻ جو فيصلو ڪي?? آهي. اها ڳالهه هن هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. چوڌري فواد حسين چيو ته وفاقي ڪابينا وزيراعظم عمران خان جي ??يادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪي?? آهي. وفاقي ڪابينا ۽ قوم عمران خان جي ??ويان بيٺل آهي. هن چيو ته ڪالهوڪي فيصلي تي سپريم ڪورٽ کي نظرثان?? ڪرڻ گهرجي. رولنگ صحيح يا غلط هجڻ لاءِ اهو ??واد ڏسڻ ضروري آهي، جنهن جي بنياد تي اسپيڪر فيصلو ڏنو هو. هن چيو ته پاڪستان ۾ هارس ٽريڊنگ تي سڄي قوم کي ڳڻتي آهي، هارس ٽريڊنگ جي ذريعي ضمير خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، هن چيو ته عدم اعتماد واري رٿ عمومي ناهي، وفاقي حڪومت جي سامهون جيڪو مواد آهي ان مان واضح آهي ته بي اعتمادي رٿ عالمي سازش تحت آندي وئي آهي، جنهن جي ??ويان ڪجهه وڏا مافياز آهن، هن چيو ته ڪابينا سڀاڻي سڀني قومي اسيمبل?? جي ميمبرن جي سامهون بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان ثبوت رکڻ جو فيصلو ڪي?? آهي. اهي ثبوت ڏسڻ کانپوءِ به ڪو به بي اعتمادي رٿ طرف وڃڻ چاهي ٿو ته پوءِ فيصلو پاڪستان جي عوام ئي ڪندي. هن چيو ته وفاقي ڪابينا ان عالمي سازش جي جاچ لاءِ لفيٽيننٽ جنرل (ر) طارق خان جي سربراهي ۾ ڪميشن جوڙي آهي اهو ڪميشن ان سڄي معامل?? جي پويان ڪردارن ۽ معاملن جي جاچ ڪري حقيقتون عوام جي سامهون آڻيندي. هن چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ چي?? آهي ته خط موجود ئي نه آهي، انهي لاءِ ڪميشن جي ??ي آر اوز ۾ شامل ڪيو وي?? آهي جنهن موجب اهو ڏسڻ?? آهي ته اهو خط موجود آهي يا نه، ڪميشن جاچ ڪندي ته ان خط ۾ حڪومت تبديل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي يا نه، ڪميشن اها به جاچ ڪندي ته عدم اعتماد واري رٿ جا مقامي هينڊلرز ڪير هئا، پوري مخالف ڌر ان سازش ۾ شريڪ نه آهي، ڪجهه مخصوص ماڻهن کي معلوم هيو ته اها سازش ڪٿان کان شروع ٿي
هارس ٽريڊنگ تي قوم کي ڳڻتي آهي، سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل