اسلام آباد – 10 – جون (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي سخت شرطن جي باوجود موجوده حڪومت اهڙي بجيٽ ڏني آهي جيڪا ملڪ ۾ اهڙي طرح جو استحڪام آڻيندي جهڙي طرح 2018ع ۾ پاڪستان معاشي طور تي مستحڪم هو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته بجيٽ ۾ زراعت جي شعبي جي لاءِ تاريخي اعلان ڪيا ويا آهن، ان کي زيرو ٽيڪس ان??سٽ??ي قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته زراعت جي شعبي ۾ مراعتن سان نه رڳو زرعي شعبي کي سگهه ملندي پر زرع?? پيداوار ۾ پڻ اضافو ٿيندو. زرعي اوزارن تي زيرو ڪسٽم ڊيوٽي ۽ سيلز ٽيڪس هوندو، پاڪستان جي تاريخ ۾ زرعي شعبي کي اهڙي طرح جي ٽيڪس ڇوٽ اڳ ۾ ڪڏهن ناهي ڏني وئي. هن چيو ته اسان جي سوچ آهي ته ??عاشي استحڪام رڳو زراعت جي ذريعي اچي سگهي ٿو. هن چيو ته آءِ ٽي شعبي ۾ ڏني ويندڙ مراعتن سان آءِ ٽي ايڪسپورٽس کي فروغ ملندو. هن چيو ته ??وڊ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ به تاريخي اعلان ڪيا ويا آهن، بجيٽ ۾ نوجوانن جي لاءِ خصوصي قدم تجويز ڪيا ويا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آءِ ايم ايف جي سخت شرطن جي باوجود انڪم ٽيڪس جي حد 6 لک رپين مان وڌائي 12 لک رپيا ڪئي وئي آهي، 12 لک رپين تائين آمدني وارن ماڻهن کي ڪنهن به قسم جو ڪو ٽيڪس نه ڏيڻو پوندو. هن چيو ته بجيٽ ۾ فلم ان??سٽ??ي جي لاءِ پڻ تاريخي اعلان ڪيا ويا آهن، ملڪ جا نوجوان وڌ کان وڌ فلم پروڊڪشن جي اندر پنهنجي ثقافت ۽ ڪلچر کي پروموٽ ڪري سگهندا، ان قدم سان نه رڳو پاڪستان جي ڪلچر ۽ سياحت کي فروغ ملندو پر عالمي سطح تي پاڪستان جو مثبت تشخص پڻ بحال ٿيندو. هن چيو ته ??هريون ڀيرو فلم ان??سٽ??ي کي مڪمل طور تي ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي آهي، آرٽسٽن جي لاءِ پهريون ڀيرو ميڊيڪل انشورنس متعارف ڪرائي وئي جڏهن ته ??لم پروڊيوسرز جي لاءِ مراعتون ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته گذريل 35 سالن کان سئنيما گهر بلڪل بند ٿي ويا هئا، ڪيترن ئي مشهور سئنيما گهرن جي جڳهه شادي هال ۽ پيٽرول پمپ ٺهي ويا، ملڪي ثقافت ۽ ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جا ذريعا تقريبن ختم ٿي ويا هئا. هن چيو ته ??ڪ نااهل اچي وڏي دعويٰ ڪري رهيو آهي ته اسان واڌويجهه جي شرح 5 سيڪڙو تي کڻي آياسين. هن چيو ته اسان اهڙي بجيٽ ڏني آهي جيڪا ملڪ جي اندر معاشي بدحالي کي ختم ڪري معاشي استحڪام آنيندي. اطلاعات واري وفاقي وزي چيو ته ??زيراعظم شهباز شر??ف ايندي ئ?? پينشن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو هو ۽ ان جي اندر وڌيڪ 5 سيڪڙو جو اضافو ڪيو ويو آهي.
بجيٽ ملڪ ۾ 2018ع جهڙو استحڪام آڻيندي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria