اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي حڪومت کان تاريخي بابري مس??د کي ان جي اصل جڳهه تي ٻيهر ??عمير ڪرڻ ۽ ان جي تباهي جي ذميوار ڏوهارين کي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان هندو انتهاپسندن جي هٿان تاريخي بابري مس??د جي شهادت جي 30 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي هڪ بيان ۾ بابري مس??د جي جڳهه تي هندو مندر جي جاري تعم??ر جي مذمت ڪئي. ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا ۽ نفرت انگيز ڏوهن جو نوٽيس وٺڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي پاڪستان عالمي ??رادري، گڏيل قومن ۽ لاڳاپيل عالمي ??دارن کي اپيل ڪئي ته اهي انتهاپسند ”هندوتوا“ حڪومت کان ڀارت ۾ اسلامي ورثي جي جاين جي تحفظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڄ ڀارت جي شهر ??يوڌيا ۾ هندو انتهاپسندن جي هٿان تاريخي بابري مس??د کي شهيد ڪرڻ جي 30 هين ورسيءَ آهي، هي موقعو ڀارت ۾ ان وقت کان وڌندڙ مسلم مخالف جنون جي هڪ افسوسناڪ ياد ڏياري ٿو. ترجمان چيو ته اسان بابري مس??د جي تباهي جي ذميوار جوابدارن جي آزادي جي مذمت ڪريون ٿا. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڀارت ۾ هندو بالادست گروهه وارانسي جي گيانواپي مس??د سميت ڪجهه ٻين مس??دن کي مندرن ۾ تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن، انهن مطالبن سان بابري مس??د جهڙا وڌيڪ واقعا ٿي سگهن ٿا. ترجمان چيو ته ڀارتي مسلمانن جي مذهبي آزادين تي مسلسل حملو ٿي رهيو آهي، ڀارت ۾ حڪمران پارٽي مسلسل مسلمانن جي خلاف جذبن کي ڀڙڪائي نفرت کي هوا ڏئي رهي آهي. هن چيو ته جيئن ته اسلامي ??عاون تنظيم (او آءِ سي) پنهنجي مختلف اعلانن جي ذريعي مطالبو ڪيو آهي، اسان ڀارتي حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته بابري مس??د کي ان جي اصل جڳهه تي ٻيهر ??عمير ڪيو وڃي ۽ ان جي تباهي جي ذميوار جوابدارن کي سزا ڏني وڃي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته عالمي ??رادري کي ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا، نفرت انگيز تقريرن ۽ نفرت انگيز ڏوهن جو نوٽيس وٺڻ جي ضرورت آهي. اسان عالمي ??رادري، گڏيل قومن ۽ لاڳاپيل عالمي ??دارن کي اپيل ڪريون ٿا ته اهي انتهاپسند ”هندوتوا“ حڪومت کان ڀارت ۾ اسلامي ورثي جي جاين جي تحفظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته ڀارتي حڪومت کي اقليتن خاص طور تي مسلمانن ۽ انهن جي عبادتگاهن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ گهرجي.
پاڪستان پاران ڀارتي حڪومت کان تاريخي بابري مسجد کي ان جي اصل جڳهه تي ٻيهر تعمير ڪرڻ ۽ ان جي تباهي جي ذميوار ڏوهارين کي سزا ڏيڻ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل