اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ مسلسل مصروفيتن، ٻطرفي مٽاسٽا ۽ اعليٰ سطحي جي دورن جي ڪري گڏيل لاڳاپا مثبت انداز ۾ اڳتي وڌي رهيا آ??ن. هڪ آمريڪي ٽيليويزن چينل ايم ايس اين بي سي کي انٽرويو ڏيندي پرڏيه?? وزير چيو ته ماضي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 90 سيڪڙو ڳالهه ٻولهه دهشتگرد?? تي ٿيندي هئي جڏهن ته هن وقت 90 سيڪڙو ڳالهه ٻولهه اقتصادي تعاون ۽ دهشتگردي سميت ٻين شعبن تي ٿئي ٿي، اهو پاڪستان آمريڪا لاڳاپن جي لاءِ هڪ مثبت اشارو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان کي اسان تبديل نه ٿا ڪري سگهون جڏهن ته ماضي مان سبق سکي سگهون ٿا ۽ حقيقت پسنداڻي اميدن سان هڪ ٻئي سان ڳنڍجي سگهون ٿا. پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽوزرداري چيو ته ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئ?? تي ڳالهه ڪرڻ بدران هڪ ٻئي سان ڳالهه ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيه?? وزير چيو ته پاڪستان کي ٻوڏ جي ڪري تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جي لاءِ وڏي فنڊنگ جي ضرورت آهي ته جيئن مستقبل ۾ ان کي ڪنهن به قدرتي آفت جي ڏس ۾ مضبوط ۽ جٽادار بڻائي سگهجي جنهن سان ممڪن نقصانن کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ مسلسل مصروفيتن، ٻطرفي مٽاسٽا ۽ اعليٰ سطحي جي دورن جي ڪري گڏيل لاڳاپا مثبت انداز ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا