ڪراچي / اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي چ??ئر??ين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي طاقت جي علامت هو، ان جو نظريو، جدوجهد ۽ قرباني لازوال آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري ڪيل پيغام موجب قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 95 هين ولادت جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چ??و ته ڀٽو هڪ نظريو آهي، جنهن کي مٽائ?? جي ڪوشش ڪندڙ تاريخ ۾ بي نام ۽ نشان خاڪ بڻجي ويا، جڏهن ته ڀٽو جو نالو اڄ به پاڪستان جي گهٽين چوڪن سميت دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ گونجي ٿو. چ??ئر??ين بلاول ڀٽو زرداري چ??و ته قائداعظم محمد علي جناح کانپوءِ قائد عوام قوم جو مقبول ترين ليڊر هو، جنهن پنهنجي خلوص، تدبر ۽ محنت جي ذريعي ملڪ کي سياسي، معاشي ۽ معاشرتي لحاظ سان اڳتي وڌايو. هن چ??و ته شهيد ڀٽو عوام کي سياسي شعور ڏنو ۽ بااختيار بڻايو، ملڪ کي پهريون متفقه آئين ۽ ائٽمي پروگرام ڏنو، پاڪستان کي اسلامي دنيا جو مرڪز بڻايو ۽ پاڪ – چين لاڳاپن جو بنياد رکيو. هن چ??و ته پاڪ – چين لاڳاپن کي هڪ اڻٽٽ دوستي ۾ تبديل ڪرڻ به چ??ئر??ين ذوالفقار علي ڀٽو جي سُڃاڻپ آهي. پيپلزپارٽي جي چ??ئر??ين چ??و ته قائد عوام بطور ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم پاڪستان ۾ مزدورن کي ٽريڊ يونينز جوڙڻ جو حق ڏنو ۽ مزدور دشمن پاليسين جو خاتمو ڪيو. زرعي سڌارا ڪري بي زمين هارين کي زمينون ڏنيون ۽ غريبن کي گهرن جو مالڪ بڻايو. چ??ئر??ين بلاول ڀٽو زرداري چ??و ته قائد عوام جي نظريي کي فروغ ۽ ان جي مشن کي پڄاڻي تائين پهچائ?? جي لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو سڄي زندگي جدوجهد ڪئي ۽ پنهنجي حياتي تائين جي پرواهه نه ڪئي. هن ان عزم کي ورجا??و ته هو پنهنجي پارٽي جي باني چ??ئر??ين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نظريي ۽ مشن جي روشني ۾ 1973ع جي آئين جي حفاظت، جمهوريت کي مضبوط، رواداري ۽ برابري کي فروغ ۽ پاڪستان کي اسلامي دنيا جو رول ماڊل ترقي يافته ملڪ بڻائ?? جي جدوجهد کي منزل تي پهچائي ئي سک جو ساهه کڻندو.
قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي طاقت جي علامت هو: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania