جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪس??ان ۾ ٻوڏ سان تباهين جو ڪاٿو تمام وڏو آهي، ٻوڏ جي 5 مهينن کانپوءِ به ڪيترائي علائقا پاڻي ۾ ٻڏل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن جنيوا ۾ ا??ٽرنيشنل ڪانفرنس آن ريزيلئينٽ پاڪس??ان جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪس??ان جو گهڻو علائقو اڃا تائين ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏل آهي. ٻوڏ سان 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو مت??ثر ٿيا، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان مت??ثر علائقن ۾ نئين سر تعمير جي لاءِ قدم اڃا جاري آهن. هن چيو ته پاڪس??ان م هر 7 مان هڪ شخص ٻوڏ کان مت??ثر ٿيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري عالمي ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چوندي چيو ته مشڪل وقت ۾ پاڪس??ان جي مدد ڪندڙ ملڪن جا ٿڳورا مڃان ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته ??ڄ عالمي دنيا پاڪس??ان سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گڏ ٿي آهي، آئنده قدرتي آفتن کان بچڻ جي لاءِ پاڪس??ان هڪ فريم ورڪ ٺاهيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومون جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس جنيوا ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس جي ميزباني ڪري رهيا آهن. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي خطاب ۾ پاڪس??ان ۾ ماحولياتي تبديلي سان ٿيندڙ تباهي کانپوءِ ملڪ جي نئين سر تعمير جي حوالي سان ڪانفرنس ۾ شريڪ ملڪن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن جي آجيان ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس کانسواءِ پاڪس??ان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس پڻ عاليم ??انفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪيو.
پاڪستان ۾ ٻوڏ سان تباهين جو ڪاٿو تمام وڏو آهي، ٻوڏ جي 5 مهينن کانپوءِ به ڪيترائي علائقا پاڻي ۾ ٻڏل آهن: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : números quina hoje