اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي جي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي شهيدن کي وطن جي لاءِ جان جو نذرانو پيش ??رڻ تي خراج عقيدت پيش ??يو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري تعزيتي بيان مو??ب صدر برگيڊيئر مصطفيٰ برڪي ۽ ٻين سپاهين جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ قوم پنهنجي بهادر فوجين سان گڏ آهي. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪندي شهيدن کي وطن جي لاءِ جانين جا نذرانا ڏيڻ تي خراج عقيدت پيش ??يو.
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ