اسلام آباد – 13– اپ??يل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت صحافت جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، ماضي جي حڪومت صحافين تي بي شمار ۽ بي بنياد ڪيس قائم ڪيا، اسان ڪنهن صحافي جي خلاف انتقامي رويو ناهي رکيو. هو جهنگ پريس ڪلب ۽ جهنگ يونين آف جرنلسٽس جي نئين چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري جي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. اطلاع??ت واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته 4 سالن ۾ صحافين سان ڪيل زيادتين جو هڪ سال ۾ ازالو ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. هن ??يو ته اطلاعات ۽ نشري??ت واري وزارت صحافين، ميڊيا ورڪرز جي ڀلائي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، صحافين جون پيشيواراڻيون صلاحيتون وڌائڻ جي لاءِ اطلاع??ت واري وزارت ٽريننگ پروگرام جوڙيا آهن. هن ??يو ته چار سالن جو ڪارو دور ختم ٿي چڪو آهي جتي پروگرام، ڪالم ۽ چ??نل ??ند ڪيا ويندا هئا. هن ??يو اميد ڪريون ٿا ته جهنگ پريس ڪلب جي نئين چونڊيل قيادت اتان جي صحافين جي ڀلائي لاءِ پنهنجون صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندي. ان کان اڳ اطلاع??ت واري وزير جهنگ پريس ڪلب جي صدر لياقت علي انجم، سيڪريٽري خرم سعيد سميت 11 رڪني باڊي کان حلف ورتو.
حڪومت صحافت جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس