اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ دستياب سيڙپڪاري جي موقعن ۽ سيڙپڪار دوست پاليس??ن کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته آءِ ٽي سيڪٽر جي ترقي ملڪ جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي، غيرملڪي واپارين ۽ سيڙپڪارن کي ان اهم شعبي ۾ سيڙپڪاري سميت ترقي جي بي پناهه امڪانن مان فائدو کڻڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??ين?? ڪمپني ا??زي وي انوويشن ٽيڪنالاجي ڪمپني لميٽيڊ جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جو هانيو ڪري رهيو هو. صدر چيو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي ڪاروباري ادارن جي لاءِ 10 سال جي ٽيڪس ??وٽ سميت مختلف مراعتن جي آڇ ڪري ٿي ۽ ??ين?? آءِ ٽي ڪمپن??ن کي انهن موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. ??ين?? وفد جي سربراهه صدر کي مختلف آءِ ٽي خدمتن ۽ صنعتي حل فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجي ڪمپني جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته ا??زي وي سمارٽ ٽرانسپورٽيشن، سمارٽ لاجسٽڪس ۽ ٻين شعبن جي لاءِ ٺوس حل ۽ پيشيواراڻي سافٽ ويئر ڊيولپمينٽ فراهم ڪري ٿي. هن ٻڌايو ته ان جي ڪمپني پاڪستان جي ريلوي جي لاءِ اي – ٽڪيٽنگ سسٽم تيار ڪيو آهي جنهن سان اداري جي ڪارڪردگي کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي.
آءِ ٽي سيڪٽر جي ترقي ملڪ جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر