اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گ??يل قومن جي چارٽر موجب ڳالهين ۽ سفارتي حل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته يوڪرين تڪرار سان ڪيترن ئي ملڪن جي معيش??ن کي نقصان پهتو آهي، وزيراعظم پاڪستان ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو عزم پڻ ظاهر ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان يوڪرين جي پرڏيهي معاملن واري وزير ديمترو ڪوليبا ملاقات ڪئي. وزيراعظم يوڪرين جي آزادي کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گرمجوش ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي ياد ڪيو. هن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو عزم ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، دفاع، تعليم ۽ ثقافت سان گڏوگڏ ڏکڻ ايشيا ۽ يوريشيا جي خطن ۾ سلامتي جي صورتحال سميت گ??يل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ان ڳالهه ت?? روشني وڌي ته يوڪرين جي تڪرار جو عالمي سطح تي وڏو اثر پيو آهي جنهن سان ڪيترن ئي ملڪن جي معيش??ن کي نقصان پهتو آهي. هن گ??يل قومن جي چارٽر موجب ڳالهين ۽ سفارتي حل جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. يوڪرين جي پرڏيهي وزير وزيراعظم کي يوڪرين جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سندس ملڪ سدائين تعاون ۽ دوستي تي ٻڌل پراڻن ۽ خوشگوار لاڳاپن جو فائدو کنيو آهي جنهن جو گ??يل مقصد عالمي امن ۽ علائقائي استحڪام ۾ ڪردار ادا ڪرڻ آهي. واضح رهي ته يوڪرين جو پرڏيهي وزير 20 کان 21 جولاءِ 2023ع تائين پاڪست??ن جي دوري تي آهي.
يوڪرين تڪرار سان ڪيترن ئي ملڪن جي معيشتن کي نقصان پهتو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی