اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان لائين آف ڪنٽرول کي عبور ڪرڻ بابت ڀارتي دفاع واري وزير جي اشتعال انگيز بيان ??ي سخت مذمت ڪندي ان کي مڪمل طور تي ناقابل قبول قرار ڏيندي ??يو آهي ته اهي ريمارڪس ڀارت پاران پنهنجي پاڙيسري ملڪن خاص طور تي پاڪستان ??ي خلاف دشمني جي عڪاس ڪن ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ??يو ته پاڪستان ڪنهن به جارحيت جي خلاف پنهنجو دفاع ڪرڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو جهڙوڪ فيبروري 2019ع ۾ ڀارت جي غلط مهم جوئي جي جواب ۾ ان ??و ڀرپور جواب ڏنو ويو هو. ترجمان ??يو ته هي پهريون موقعو نه آهي جو ڀارت جي سياسي اڳواڻن ۽ اعليٰ فوجي آفيسرن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ??ابت اهڙي قسم جا انتهائي غ??رذ??يواراڻا ۽ فريب تي ٻڌل بيان ڏنا آهن. ترجمان ??يو ته قوم پرستي ۽ پاڪستان مخالف جذبن کي هوا ڏئي سياسي مقصدن جي لاءِ بيان ??ازي کي معمول بڻايو ويو آهي. پاڪستان کي ڀارتي سياسي معاملن ۾ گهيلڻ جو اهو رواج ختم ٿيڻ گهرجي، اهي انتهائي غ??رذ??يواراڻا بيان ??لائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ پڻ خطرو آهن ۽ انهن جو مقصد ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ ماحول کي غيرمستحڪم ڪرڻ آهي. ترجمان وڌيڪ ??يو ته ڀارت جي اشتعال انگيزين ۽ غ??رذ??يواراڻي رويي جو جواب ڏيڻ جي لاءِ پوري طرح تيار رهندي پاڪستان ??ميواري سان ڪم ڪندو رهندو ۽ خطي ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ سمورين ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن ??يو ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل تڪراري علائقو آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ??ي ڀارت جي دعويٰ تخيل تي ٻڌل آهي، نه تاريخ ۽ عالمي قانون، نه ئي اخ??اق??ات ۽ زميني حالتون ڀارت جي ان فريب جي تصديق ڪري سگهن ٿيون. تنهن ڪري ان کي پنهنجو ڌيان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي مڪمل عملدرآمد طرف ڏيڻ گهرجي جنهن ۾ ??يو ويو آهي ته علائقي جو حتمي فيصلو عوام جي مرضي موجب ڪيو ويندو جنهن جو اظهار جمهوري طريقيڪار تحت آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي ذريعي ٿيڻو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??يو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخ??اق?? حمايت جاري رکندو.
پاڪستان پاران لائين آف ڪنٽرول کي عبور ڪرڻ بابت ڀارتي دفاع واري وزير جي اشتعال انگيز بيان جي سخت مذمت
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت