اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان آمريڪي پرڏيهي کاتي پاران انساني حقن جي حوالي سان تازو ئي جاري ڪيل 2023ع جي ڪنٽري رپورٽ کي مُڪمل طور تي رد ڪندي رپورٽ جي نقطن کي غيرمنصفاڻو، غلط معلومات تي ٻڌل ۽ زميني حقيقت جي ابتڙ قرار ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چي?? ويو آهي ته آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ا??ڙي قسم جي غيرمطلوب رپورٽس جي تياري جي سالياني مشقن ۾ معروضيت جي کوٽ آهي ۽ ان جي طريقيڪار ۾ فطري طور تي خاميون آهن. بيان موجب اهي رپورٽون ٻين ملڪن ۾ سياسي طور تي متعصباڻي ا??داز ۾ انساني حقن جو فيصلو ڪرڻ جي لاءِ ڊوميسٽڪ سوشل لينز جو استعمال ڪن ٿيون، هن سال جي رپورٽ ۾ معروضيت جي کوٽ ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي ا??ساني حقن جي ا??جنڊا کي سياسي بڻائڻ نمايان آهي، اهو واضح طور تي ٻٽي معيار کي ظاهر ڪري ٿو اهڙي طرح عالمي ا??ساني حقن جي ڳالهه ٻولهه کي نقصان پهچائي ٿو. بيان ۾ وڌيڪ چي?? ويو آهي ته اها ڳالهه انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي ته سڄي دنيا ۾ انساني حقن جي صورتح??ل کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ هڪ رپورٽ ۾ غزه ۽ ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي ا??تهائي ا??م جاين کي نظرانداز يا گهٽ ڪيو ويو آهي. بيان موجب غزه جي ڳڻتي جوڳي صور??حا??، انساني ا??داد کي هٿيار بڻائڻ ۽ 33 هزار کان وڌيڪ شهرين جي قتل عام کي رڳو سياسي طور تي محرڪ رپورٽ ئي نظرانداز ڪري سگهي ٿي، غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ تي آمريڪا جي خاموشي ا??ساني حقن بابت نام نهاد ملڪ جي رپورٽن جي پٺيان بيان ڪيل مقصدن جي خلاف آهي. بيان ۾ چي?? ويو آهي ته پاڪستان پنهنجي آئيني فريم ورڪ ۽ جمهوري اخلاقيات موجب پنهنجي ا??ساني حقن جي فريم ورڪ کي مضبوط بڻائن، عالمي ا??ساني حقن جي ا??جنڊا کي فروغ ڏيڻ ۽ عالمي ا??ساني حقن جي ڳالهه ٻولهه ۾ منصفاڻي ۽ معروضيت کي برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهي، جيڪڏهن آمريڪا کي ا?? مشق ۾ شامل ٿيڻ ضروري آهي، ته اسان آمريڪي پرڏيهي کاتي کان اها اميد ڪريون ٿا ته هو ڏکين مسئلن جو جائزو وٺڻ وقت گهٽ ۾ گهٽ ڏاهپ کان ڪم وٺي، اهڙين رپورٽن کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ معروضيت، غيرجانبداري ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪري. پرڏيهي آفيس پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چي?? آهي ته ان کي سمورين حالتن بابت سچ ڳالهائڻ جي لاءِ گهربل اخلاقي جرئت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي ا??تهائي ا??م جاين تي ظلمن جي خاتمي لاءِ عالمي ڪوششن جي حمايت ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
پاڪستان پاران آمريڪي پرڏيهي کاتي جي انساني حقن جي حوالي سان تازو ئي جاري ڪيل 2023ع جي ڪنٽري رپورٽ مُڪمل طور تي رد
مضمون کا ماخذ : ریل رش