اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ازبڪستان جو پرڏيهي وزير بختيار سيدوف اڄ خميس ڏينهن صدر آصف علي زردار سان مل??قات ڪندو، هو عسڪري قيادت سان پڻ مل??قات ڪندو. پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته ازبڪستان جو پرڏيهي وزير هن وقت سرڪاري دوري تي پاڪستان ۾ آهي ۽ هن گذريل ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محم?? اسحاق ڊار سان مل??قات ڪئي. ترجمان چيو ته ازبڪ پرڏيهي وزير واپار، واري وزير، نجڪاري واري وزير ۽ مواصلات واري وزير کانسواءِ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير سان پڻ گڏيل مل??قات ڪئي. هن چيو ته هيستائين ٿيندڙ مل??قاتن ۾ ڌرين پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ گهڻ رخي ۽ مضبوط حصيداري جو ورجاءُ ڪيو ۽ گڏيل قوم، ايس سي او ۽ او آءِ سي جهڙن گهڻ رخي فورمز تي ويجهي سيڪيورٽي ۽ دفاعي تعاون ۽ مضبوط رابطن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ترجمان چيو ته ڌرين پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ اقتصادي تع??ون?? واپار، سيڙپڪاري ۽ رابطن کي وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ۽ ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلويز پراجيڪٽ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
ازبڪستان جو پرڏيهي وزير صدر ۽ عسڪري قيادت سان ملاقات ڪندو: پرڏيهي آفيس ترجمان
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ