اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جي سياسي معاملن بابت وقتي انڊر سيڪريٽري جان باس پرڏيهي وزارت ۾ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان وفدن جي سطح تي مُلاقات ڪئي ۽ مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين ??اپار، توانائي، سلامتي، صحت، موسمياتي تبديلي ۽ دهشتگردي جي خاتمي بابت موجوده ڳالهين ??اري مڪينزم تي اڳڀرائي سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي وسيع پئماني تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري پاڪستان پاران آمريڪا سان لاڳاپن کي ڏني ويندڙ اهميت جو ذڪر ڪيو. هن ٻطرفي مڪينزم خاص طور تي اقتصادي ۽ دفاعي شعبن کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ هڪ وسيع البنياد ۽ بامعنيٰ ٻطرفن لاڳاپن جي ??رو?? جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت ت?? زور ڏنو. انڊر سيڪريٽري جان باس گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ٺوس ڳالهه ٻولهه موقعو ڏيڻ تي پرڏيهي سيڪريٽري جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته آمريڪا معيشت کي مستحڪم ۽ مضبوط ڪرڻ جي ڪوششن ۾ پاڪستان سان حصيداري جو خواهشمند آهي. هن ٻوڏ ۽ دهشتگرد حملن جهڙن تازن چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان پاران کنيل قدمن کي ساراهيو. انڊر سيڪريٽري جان باس نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان پڻ ملاقات ڪئي.
آمريڪا جي سياسي معاملن بابت وقتي انڊر سيڪريٽري جي سربراهيءَ ۾ وفد جي پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان مُلاقات
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا