اسلام آباد -21 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ۽ عوام، جنگ ۽ تڪرار کان ??اڪ پرامن دنيا کي هٿي وٺائڻ لاءِ عالمي برادري سان گڏ آهي، ڳالهين ذريعي خطي م امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺائڻ تي پڪو يقين رکون ٿا. اڄ جي ڏينهن اسان دنيا وچ ۾ ڳالهين ۽ افهام تفهيم کي هٿي وٺائڻ جي اهميت جو اعتراف ڪندي ان طرف عملي طور تي قدم کڻڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران امن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ جي دنيا تڪرارن سبب ورهاڱي جو شڪار آهي، اسان کي سڄي دنيا وچ ۾ اختلافن کي ختم ڪر?? ۽ امن جي مقصدن لاءِ گڏيل حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪر?? جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪست??ن ڳالهين ذريعي خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺائڻ جو پختو يقين رکي ٿو. جڏهن ته اهو مقصد حاصل ڪر?? لاءِ پراڻن تڪرارن کي حل ڪر?? ضروري آهي، هن خطي ۾ ڄمون ڪشمير جو تڪرار هڪ پراڻو مسئلو آهي جنهن جي جٽادار حل جو بنياد غير جانبدار راءِ شماري ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهر??ئن تي عمل ڪر?? آهي. وزيراعظم چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان کي فلسطينين جي حالت کي نظر انداز نه ڪر?? گهرجي، جيڪي رياستي جارحيت جو بهادري سان ??قابلو ڪري رهيا آهن. وچ اوڀر ۾ ديرپا امن لاءِ گڏيل قومن جي ٺهر??ئن ۽ فلسطينين جي خواهشن موجب تڪرار جو پرامن حل وقت جي اهم ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دنيا ۾ امن کي هٿي وٺائڻ جي اهميت کي تسليم ڪري ٿو ۽ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪر?? لاءِ تيار آهي. جنهن جي ذريعي اسان ??نهنجي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ پرامن مستق??ل تعمير ڪندي دنيا کي امن جو مرڪز بڻائي سگهون ٿا.
حڪومت ۽ عوام، جنگ ۽ تڪرار کان پاڪ پرامن دنيا کي هٿي وٺائڻ لاءِ عالمي برادري سان گڏ آهي، ڳالهين ذريعي خطي م امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺائڻ تي پڪو يقين رکون ٿا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر