اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ دهشتگرد حملي ۾ چيني شهرين جي مارجڻ تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ??اق??ي جي ذميوارن جي جلد کان جلد سڃاڻپ کانپوءِ انهن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، پاڪستان ۾ موجود اسان جي چيني ??ائرن جي جان ۽ مال جو تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن کي نقصان پهچائڻ جي ان ڪڌي سازش کي هرگز برداشت نه ??يو ويندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني سفارتخاني ويو ۽ هن پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير جيانگ زيڊانگ سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيني سفير سان ڪراچي ۾ چيني قافلي تي دهشتگرد حملي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن دهشتگرد حملي ۾ چيني شهرين جي مارجڻ تي شديد ڏک جو پڻ اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي جي ان ??اق??ي جي ذميوار ماڻهن جي جلد کان جلد سڃاڻپ جي لاءِ حڪومت مڪمل طور تي متحرڪ آهي، ??اق??ي جي ذميوارن جي جلد کان جلد سڃاڻپ کانپوءِ انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ موجود اسان جي چيني ??ائرن جي جان ۽ مال جو تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن کي نقصان پهچائڻ جي ان ڪڌي سازش کي هرگز برداشت نه ??يو ويندو، ان ??اق??ي جي جاچ جي آئون ذاتي طور تي پاڻ نگراني ??ندس، غيرملڪين جي لاءِ سيڪيورٽي انتظامن کي وڌيڪ مضبوط ??يو ويندو. چيني سفير ڪراچي ۾ دهشتگردي جي ??اق??ي کانپوءِ پاڪستان حڪومت پاران فوري ردعمل ۽ جاچ شروع ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن معاملي جي موثر جاچ، ذميوار دهشتگردن جي فوري سڃاڻپ ۽ انهن کي جلد کان جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ ۾ پاڪستان حڪومت تي اعتماد جو پڻ اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان ??ي اميد آهي ته ??اق??ي جي ذميوار ماڻهن کي جلد کان جلد قرار ??اق??ي سزا ڏني ويندي. ملاقات ۾ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نش??يا?? وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا.
ڪراچي ۾ دهشتگرد حملي ۾ چيني شهرين جي مارجڻ جي واقعي جي ذميوارن جي جلد کان جلد سڃاڻپ کانپوءِ انهن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے