اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) ڄمون ۽ ڪشمير بابت اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي رابطا گروپ جو اجلاس نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ رابطا گروپ جي ميمبر مل??ن جي نمائندن شرڪت ڪئي جن ۾ پاڪستان، ??عودي عرب، ترڪيه، نائجر ۽ آذربائيجان شامل آهن جڏهن ته ڪشميري عوام جي حقيقي نمائندن جي وفد پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. دفاع و??ري وفاقي وزير خواجه محمد آصف اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. هن رابطا گروپ کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سياسي، سلامتي ۽ انساني حقن جي صورتحال تي بريفنگ ڏني. ترجمان چيو ته رابطا گروپ جي ميمبر ملڪن او آءِ سي جي ايجنڊا ۾ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي اهميت جو ذڪر ڪندي ڪشميري عوام جي حقن ۽ آزادين جي حمايت جو اظهار ڪيو. هن ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي جلد ۽ پرامن حل تي زور ڏنو. اجلاس جي پڄاڻي هڪ جامع گڏيل پڌرنامي جي منظوري سان ٿي جنهن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳ??پي?? قراردادن موجب ڪشميري عوام جي انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختي??ري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي پاران ڪشميرين جي جائز جدوجهد جي مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو ويو. گڏيل پڌرنامي ۾ ڪيترين ئي ڪشميري سياسي پارٽي?? تي پابندي ۽ ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جي ڪارڪنن جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جي ج??ري مهم جي پڻ مذمت ڪئي وئي. پڌرنامي ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته والاريل ڪشمير ۾ نام نهاد چونڊ عمل خودمختي??ري جي حق جو نعم البدل نه ٿو ٿي سگهي. رابطا گروپ ڀارت تي زور ڏنو ته هو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪي ۽ گڏيل قومن جي لاڳ??پي?? قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل جي لاءِ قدم کڻي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت ج??ري رکندو.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي جي رابطا گروپ جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania