اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اطلاعات واري وزارت جي انٽرنل پبلسٽي ونگ جي ڊائريڪٽر جنرل عاشق حسين شيخ جي والده جي لاڏاڻي تي سندس ايصال ثواب لاءِ ف??تحه خواني ڪئي. ڊي جي آءِ پي ونگ عاشق حسين سان سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ماءُ جهڙي عظيم هستيءَ جو ڪو به نعم البدل نه آهي. هن چيو ته مرحومه جو ??اڏاڻو ڏکويل خاندان جي لاءِ ن??قابل تلافي نقصان ۽ وڏو صدمو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. وزيراعظم جو ??يڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ، اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن به ان موقعي تي موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔