اسلام آباد – 06 – نومبر (اي ??ي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني سفير کي ڪراچي ۾ چيني شهرين تي فائرنگ جي ذميوارن کي جلد پڪڙ ?? آڻي انهن کي سزا ڏيارڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته چيني شهرين تي حملو پاڪ چين ڀائ??اڻ?? لااڳپن کي نقصان پهچائڻ جي ڪڌي ڪوشش آهي، پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ چيني سفارتخاني ويو. هن چين جي پاڪستان ۾ سفير ??يانگ زائيڊونگ سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ چيني شهرين تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪئي. وزيراعظم چيني سفير ??ان ڳالهائيندي چ??و ته چيني شهرين تي ان حملي جي مذمت ڪرڻ ۽ زخمين جي عيادت جي لاءِ توهان سان ملڻ آيو آهيان. وزيراعظم چيني سفير کي ذميوارن کي جلد پڪڙ ?? آڻي انهن کي سزا ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي. هن چ??و ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي پڪڙ ?? وٺڻ ۽ انهن کي سزا ڏيارڻ جي عمل جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، واقعي ۾ زخمي چيني شهرين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري چڪو آهيان. وزيراعظم چ??و ته اطمينان جوڳي ڳالهه آهي ته واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ چيني شهرين جي صحت بهتر ٿي رهي آهي، چين پاڪستان جو پ??اڻ?? دوست آهي، چيني شهرين تي حملو پاڪ چين ڀائ??اڻ?? لاڳاپن کي نقصان پهچائڻ جي ڪڌي ڪوشش آهي. هن چ??و ته پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. چيني سفير وزيراعظم جا سفارتخاني اچڻ تي ٿورا مڃيا ۽ اميد جو اظهار ڪ??و ته وزيراعظم واقعي جي ذميوارن کي جلد منطقي انجام تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ??سحاق ڊار، گهرو وزير محسن رضا نقوي ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.
وزيراعظم پاران چيني سفير کي ڪراچي ۾ چيني شهرين تي فائرنگ جي ذميوارن کي جلد پڪڙ ۾ آڻي انهن کي سزا ڏيارڻ جي خاطري
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا