قاهره-05 جنوري (اي پي پي) عرب پارل??ام??نٽ فلسطينين کي غزه مان جبري طور تي بي دخل ڪرڻ جي هر تجويز کي رد ڪ??دي ان جي مذمت ڪئي آهي. عرب پارل??ام??نٽ گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چي?? آهي ته 1967 جي اليمي جو منظر نامو ورجائڻ جو سوال پيدا نه ٿو ٿئي. غزه فلسطيني سر زمين آهي ۽ مڪمل خودمختيار رياست جو نه ٽٽندڙ حص?? آهي ۽ رهندو. عرب پارل??ام??نٽ زور ڀري?? آهي ته قابض اسرائيلي حڪوم?? جي ڪيترن ئي انتهاپسند وزيرن جا نسل پرستي وارا بيان انهن جي وحشياڻي ذهني?? جي عڪاسي ڪري رهيا آهن ۽ ان قسم جي بيانن سان علائقي ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي. اهڙا بيان عالمي انساني قانون ۽ عالمي قانوني ٺهرائن جي کليل خلاف ورزي آهن. عرب پارل??ام??نٽ عالمي برادري کان مطالبو ڪي?? آهي ته اهي فلسطيني عوام خلاف اجتماعي نسل ڪشي جي جنگ بند ڪرائن ۽ انهن جبري بي دخلي وارين اسڪيمن کي روڪرائڻ لاءِ قدم کڻن. واضع رهي ته ڪيترن ئي اسرائيلي وزيرن چي?? آهي ته غزه مان فلسطينين کي بي دخل ڪيو وڃي، غزه پٽي تي ٻيهر قبضو ڪيو وڃي ۽ اتي يهودي وسنديون آباد ڪيون وڃن.
غزه فلسطيني رياست جو حصو آهي: عرب پارليامينٽ
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات