ميدرڊ-30 مئي اي پي پي ) سعودي عرب ۽ اردن غزه ۾ جاري اسرائيلي جنگ ف??ري طور تي بند ڪرڻ ۽ وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ بابت فلسطيني رياست جي ??يام تي زور ڏنو آهي .العربيه موجب اسپين پاران فلسطين کي باضابطه طور تي تسليم ڪرڻ کان پوءِ سعودي عرب جي ??رڏيهي وزير شهزادو فيصل بن فرحان زور ڏئي چيوآهي ته ميڊرڊ تاريخ جي درست طرف بيٺو آهي هن شپين گادي ??اري هنڌ ميڊرڊ ۾ غزه تي عرب .اسلامي ڪميٽي پريس ڪانفرنس دوران چيو آهي ته ٻه رياستي حل جو وقت اچيوويو آهي ٻه رياستي حل جي بغير خطي ۾ ڊگهي عرصي تائين امن ناممڪن آهي هن وڌيڪ چيو ته فلسطيني رياست جو قيام ئي امن جو ضامن ٿي سگهي ٿو ان کانسواءِڪو به رستو ناهي .هن ان ڳ??لهه تي زور ڏنو ته غزه ۾ ف??ري طورتي جنگ بندي ??يڻ کپي ان موقعي تي اردني پرڏيهي وزير ايمن الصفدي اسپين پاران فلسطين جي رياست کي تسليم ڪرڻ جي ??يصلي کي تاريخي قدم قرار ڏنو هن وڌيڪ چيو ته اسان اسرائيلي ڌمڪين جي باوجود اسپين سان يڪجهتي سان گڏ بيٺا آهيون هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل لڳاتار عالمي قانون جي خلاف ورزي جاري رکي آهي هن ان ڳ??لهه تي به زور ڏنو ته غزه ۾ جنگ جو خاتمو ضر??ري آهي .ٻه رياستي حل کي اڳتي وڌائڻ جو وقت اچي ويو آهي .هن وضاحت ڪندي چيو ته امن صرف فلسطيني رياست جي ??يام سان ئي حاصل ٿيندو.
ٻه رياستي حل جي بغير امن ناممڪن آهي .سعودي عرب ،اردن
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس