ڪلر سيدان– 04 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي و??ير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته هو امريڪا يا ڪنهن ٻئي کي نه پاڪستان جي عوام ۽ پارليامينٽ کي جواب ڏيڻوآهي، عوام سڃاڻپ ڪارڊ جي تصديق ۾ سهڪار ڪري، پهرين مرحلي ۾ اڍائي ڪروڙ ڪٽنبن ج?? سربراهن کي تصديق ??اءِ پيغام ويندو ته سندن فيملي ٽري ۾ ڪو ٻيو شخص ته شامل ناهي ڪلر سيدان ۾ تعلقي ميونسپل ڪميٽي جي نون چونڊيل ميمبرن جي اعزاز ۾ آجياڻي جي موقعي تي سڌ سماءَ جي ذريعن جي نمائندن سا?? ڳالهائيندي وفاقي و??ير چيو ته نان اشو کي ميگا اشو بڻائڻ تي افسوس ٿيندو آهي. پارلياماني حڪومتي نظام ۾ وزيراعظم جي جاءِ ڪو نه ٿو والاري سگهي، وزيراعظم اڳ ۾ به ٻاهر ويو، ڇا ان سا?? آئيني يا قانوني خال پيدا ٿيو آهي ؟ پارلياماني نظام ۾ قائد ايوان ئي و??يراعظم هوندو آهي ۽ ان جي غير موجودگي ۾ ڪابينه پنهنجو ڪم ڪندي آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب