اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني تجويز ڏني آهي ته ڪوئيٽا سانحي ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونيئرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه گهٽ ۾ گهٽ هڪ هڪ ٻار جي تعليم جي ذميواري کڻن ۽ پنه??جي صوبي جي بهترين تعليمي ادارن ۾ انهن کي داخل ڪرائين. سينيٽ چيئرمين پاران جاري بيان موجب هن چيو ته 8 آگسٽ تي ڪوئيٽا جي سول اسپتال ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه جا وڏا وزير پنه??جي صوبي جي نمايان اسڪولن، ڪ??ليجن ۽ يو??يورسٽين ۾ شهيدن جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ هڪ ٻار کي داخل ڪرائين ۽ انهن جا تعليمي خرچ برداشت ڪن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے