اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پ?? پي) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني سومر ڏينهن ڪيوبا جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ ڪيوبا جي انقلابي اڳواڻ فيڊل ڪاسترو جي لاڏاڻي تي تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر لکيا. تاثرن ۾ لکيندي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو ته آنجهاني فيڊل ڪاسترو دٻيل ۽ پوئتي پ??ل طبقن جو اڳواڻ هو ۽ دنيا ان عظيم اڳواڻ جي خدمت?? کي وساري نه سگهندي. سينيٽ چيئرمين سان گڏ سينيٽر مشاهد حسين سيد ۽ اڳوڻو سينيٽر افراسياب خٽڪ به هئا. ميان رضا رباني زبردست لفظن ۾ فيڊل ڪاسترو جي شخصيت ۽ خدمت?? کي خراج عقيدت پيش ڪيو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے