لورا لائي– 25 مارچ (اي پي پي) گهرو وز??ر چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي راهداري رٿا نه رڳو بلوچستان پر پاڪستان سميت سڄي خطي جي تقدير مٽائي ڇڏيندي. سي پيڪ جي ناڪامي لاءِ دشمن قوتون مختلف قسمن ??ي سازشن مصروف آهن. هٿياربند فوج انهن سازشن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آهي. بلوچستان ۾ امن ??مان لاءِ فرنٽيئر ڪور بلوچستان?? پوليس ۽ پاڪ فوج جو ڪردار مثالي آهي. اهڙو اظهار هن لورا لائي ۾ فرنٽيئر ڪور بلوچستان جي 60هين پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب خطاب ڪندي ڪيو. گهرو وز??ر چيو ته ايف سي بلوچستان ۾ شامل ٿيندڙ نون نوجوانن جي ڪلهن تي صوبي جي تر??ي جي مخالف دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪرڻ جي وڏي ذميواري آهي. هن چيو ته ڪجهه عنصر ذاتي مفادن ۽ پرڏيهي آقائن جي خوشنودي لاءِ صوبي ۾ امن ??مان خراب ڪرڻ چاهين ٿا.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین