اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ملڪ ?? سموگ ۽ موسمي حالتن سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ لاڳاپيل کاتن جي وچ ۾ وسيع رابطا ۽ اڳواٽ منصوبابندي جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن اها ڳالهه وزيراعظم آفيس ۾ بجلي جي پيداوار ۽ ملڪ ?? طلب ۽ پهچ جي صورتحال جي جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. بجلي وارو وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، بجلي ۽ پيٽروليم ڊويزنن جا سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل س??نيئر عملدار پڻ اجلاس ۾ موجود هئا. وزيراعظم کي بجلي جي تازي تعطل بابت ٻڌايو ويو جنهن سبب ڏکڻ پنجاب، اتر سنڌ ۽ ملڪ جا ٻيا حصا متاثر ٿيا آهن. اهو به ٻڌايو ويو ته وقت کان اڳ سموگ غيرمعمولي آهي ۽ خشڪ م??سم سبب وڌيڪ جاري رهڻ جو امڪان آهي جنهن جي نتيجي ۾ ٽرانسميشن لائينن جي ٽرپنگ ٿي.
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ