اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) حڪومت کنڊ بحران بابت انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته گذريل 5 سالن ۾ شگر ملز 22 ارب رپين جو ٽيڪس ڏئي 10 ارب رپين جا ريفنڊ ورتا، ڪميشن کنڊ بحران جو ذميوار ريگيوليٽر کي قرار ڏنو آهي، ريگيوليٽر جي غ??لت جي ڪري کنڊ بحران پيدا ٿيو ۽ قيمت وڌي، وفاقي ڪابينا ريڪوري ڪري پئسا عوام کي و??پس ڪرڻ ۽ نظام کي فعال ۽ ادارن کي متحرڪ ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، شهباز شريف فيملي جي شگر ملز ۾ ڊبل رپورٽنگ جا ثبوت مليا آهن، سنڌ حڪومت اومني گروپ کي سبسڊي ڏئي فائدو پهچايو، جي ڊي ڊبليو گروپ غيرقانوني طور تي ڪرشنگ ۾ اضافو ڪيو ۽ ڊبل بلنگ ۽ اوور انوائسنگ ۾ ملوث ڏٺي و??ي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وز??راعظم جي احتساب واري خاص معاون شهزاد اڪبر اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز سان گڏ صح??فين کي بريفنگ ڏيندي چيو ته گذريل 5 سالن ۾ شگر ملز 22 ارب رپين جو ٽيڪس ڏنو جنهن مان 10 ارب رپيا ريفنڊ ورتا ويا، اهڙي طرح گذريل 5 سالن ۾ ڪل ٽيڪس 10 ارب رپيا ڏنو ويو، ??فغ??نستان کي برآمد ڪئي ويندڙ کنڊ جي ادائيگي ٽي ٽي ذريعي ڪئي و??ي، روانگي و??پار جي مد ۾ 58 سيڪڙو کنڊ ??فغ??نستان کي ڏني وڃي ٿي، کنڊ جي قيمت ۾ هڪ رپيو اضافو ڪري 5.2 ارب رپيا منافعو ڪمايو وڃي ٿو.
گذريل 5 سالن ۾ شگر ملز 22 ارب رپين جو ٽيڪس ڏئي 10 ارب رپين جا ريفنڊ ورتا: شهزاد اڪبر
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی