پشاور – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته صوبن طرفان اين ايف سي ايوارڊ ۾ ٽي سيڪڙو قب??ئل?? ضلعن لاءِ مختص ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو پر هاڻي بدقسمتي سان ان واعدي تان ڦري ويا آهن جيڪا قب??ئل?? ضلعن سان زيادتي آهي. ضلعي مهمند ۾ ناحقئي سرنگ ۽ شيخ زيد روڊ جي افتتاح جي موقعي تي ضلعي جي چڱ?? مڙسن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت جو نظريو مديني جي رياست آهي، جيتوڻيڪ يتمن، غريبن، بيواهن ۽ ڪمزو??ن جي بهتري مديني جي رياست جي طرز جي رياست جي اول??ن ذميداري هوندي آهي تنهن ڪري ان ذميداري جي تڪميل لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ۾ آڻڻ کي ترجيح ڏني پئي وڃي. هن چيو ته اسان جي سمورين پاليسين جو محور ڪمزور طبقن جي بحالي آهي تنهن هوندي به ان سان گڏوگڏ اسان جي نظريي جو هڪ نڪتو اهو به آهي ته خوشحالي جي سفر ۾ سمورن علائقن کي هڪجهڙي ترقي ڏيڻ گهرجي.
صوبن اين ايف سي ايوارڊ ۾ ٽي سيڪڙو قبائلي ضلعن لاءِ ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون