اسلام آباد – 23 نومبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته ملڪ ۾ وڌندڙ ڪورونا ڪيسز کي نظر ۾ رکندي تعليمي ادارا 26 نومبر کان 24 ڊسم??ر تائين بند رهندا، جڏهن ته 25 ڊسمبر کان 10 جنوريءَ تائين سياري جون موڪلون ٿينديون. اهڙي ريت ڪي به تعليمي امتحان جيڪي رٿيل هئا، نه ٿيندا. جڏهن ته ووڪيشنل سينٽرز کليل رهندا ۽ انٽري ٽيسٽ ۽ نوڪرين لاءِ امتحانن جي اجازت ??وندي، يونيورسٽيون ۽ سمورا تعليمي ادارا آن لائين تعليم ڏيندا. يونيورسٽين جي هاسٽلز ۾ هڪ ڀاڱي ٽي سيڪڙو شاگردن کي رهڻ جي اجازت ??وندي. اهڙو فيصلو تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي صدا??ت ۾ تعلمي وارن صوبائي وزيرن جي اين سي او سي ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس کان پوءِ وزيراعظم جي قومي صحت بابت خاص مدد??ار ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ شفقت محمود تفصيلن کان آگاهه ڪيو.
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش