اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي يورپي ڪائونسل جي ??در چارلس مشيل ٽيليفون ڪئي، پشاور ۾ مسجد تي دهشتگرد حملي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ??وڪ??ين جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب يورپي ڪائونسل جي ??در سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان ??وڪ??ين جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي جاري فوجي تڪرار تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته وڌيڪ ڇڪتا?? خطي ۽ دنيا تي انتهائي منفي اثر ڇڏيندي. وزيراعظم چيو ته هو اسرندڙ ملڪن تي تڪرارن جي منفي، معاشي اثرن کي مسلسل اجاگر ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جو اهو اصولي موقف آهي ته هو رڳو امن جو حصيدار هوندو. وزيراعظم جنگبندي ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ ??وڪ??ين ۾ شهرين جي لاءِ انساني امداد جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا روس ۽ ??وڪ??ين سان دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ ان جو ٻنهي ڌرين سان ويجهو رابطو رهيو آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته تڪرار کي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي حل ڪيو ويندو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان جهڙا ملڪ انهن ڪوششن ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا ۽ اهو ته ٻئي ڌريون گڏيل مقصدن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ويجهو رابطو برقرار رکنديون. پاڪستان جي يورپي يونين سان لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪندي وزيراعظم چيو ته هو يورپي يونين جي قيادت سان ملاقات لاءِ پنهنجي برسلز جي دوري جو منتظر آهي. هن ??در چارلس مشيل کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.
وزيراعظم عمران خان کي يورپي ڪائونسل جي صدر چارلس مشيل جي ٽيليفون، پشاور ۾ مسجد تي دهشتگرد حملي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی