اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عراق جي علائقائي سلامتي ۽ خودمختياري جي لاءِ ??اڪستان جي حمايت کي ورجائيندي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ عراقي حڪومت جي ڪاميابين ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم سان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ??اڪستان جي دوري تي آيل عراق جي پرڏيهي وزير فواد حسين ملاقات ڪئي. وزيراعظم ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻن ۽ دوستاڻ?? لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چيو ته انه?? لاڳاپن جون پاڙون گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافتي وابستگين سان ڳنڍيل آهن. هن عراق سان پاڪستان جي ٻطرف?? لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش کي ورجايو. وزيراعظم عراق جي علائقائي سلامتي ۽ خودمختياري جي لاءِ ??اڪستان جي حمايت کي ورجايو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ عراقي حڪومت جي ڪاميابين جو اعتراف ڪيو. وزيراعظم چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۽ ملڪ جي نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ خاص طور تي عراقي عوام جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم پرڏيهي وزير سان مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن سان گڏوگڏ مسلمان امت جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم سڄي دنيا ۾ مسلمانن ۽ اسلامي ملڪن کي درپيش موجوده چئلينجز کي منهن ڏ??ڻ جي لاءِ او آءِ سي جي گڏيل قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. عراقي پرڏيهي وزير شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي او آءِ سي اجلاس جي شاندار انتظامن کي ساراهيو.
وزيراعظم پاران عراق جي علائقائي سلامتي ۽ خودمختياري جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم