اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پرڏ??هي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته سوڊ??ن مان پاڪستاني شهرين جي انخلا جي منصوبي تحت جمعي جي صبح هڪ جهاز سوڊ??ن مان ڪڍيل 149 پاڪستاني شهرين کي کڻي ڪراچي پهچي ويو، اٽڪل 200 پاڪستانين کي کڻي ٻن ٻين اڏامن جي اڄ دير تائين اچڻ متوقع آهي، انهن مان هڪ پورٽ سوڊان ۽ ٻيو ??ده کان پاڪستانين کي وا??س آڻيندو. پرڏ??هي آفيس جي ترجم??ن ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته سوڊان ۾ سيڪيورٽي جي مشڪل صورتحال سان پاڪستانين جو انخلا پرڏ??هي وزارت جي قيادت ۾ هڪ مضبوط عالمي ايجنسي جي عمل جي نتيجي ۾ ممڪن ٿيو آهي. هن چيو ته اسان جي انخلا جي منصوبي کي مرحليوار لاڳو ڪيو ويو آهي، آپريشن جي پهرين مرحلي ۾ 8 سئو کان وڌيڪ پاڪستانين کي سرطوم کان پورٽ سوڊان پهچايو ويو جيڪو محفوظ آهي، انخلا جي آپريشن جو ٻيو مرحلو پاڪستاني شهرين کي پورٽ سوڊان کان ??ده سعودي عرب يا سڌوسنئون پاڪستان پهچائڻ آهي. ترجمان چيو ته اڄ جون اڏامون پورٽ سوڊان کان ??ده جي رستي اچي رهيون آهن، اهو ان ٻئي مرحلي جو پهريون حصو آهي، اضافي اڏامن جو پڻ منصوبو ٺاهيو ويو آهي. هن چيو ته پورٽ سوڊان کان ??ده تائين انخلا جو عمل جاري آهي جنهن ۾ سعودي حڪومت پاران هلائي ويندڙ فيرين جي ذريعي انخلا به شامل آهي، ڪجهه مسافرن کي پورٽ سوڊان کان ??ده جي لاءِ چيني سامونڊي جهاز سان به منتقل ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته اسان خطي جي دوست ملڪن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن ان ڏس ۾ خاص طور تي سعودي عرب جي حڪومت جا ٿورا مڃيا جنهن پورٽ سوڊان کان ??ده تائين فيري جي ذريعي ٽرانسپورٽ فراهم ڪرڻ ۽ پاڪستاني شهرين جي ملڪ واپسي تائين ميزباني جي ذريعي ان عمل ۾ سهولت فراهم ڪئي. ترجم??ن موجب پرڏ??هي وزارت ان آپريشن کي ٺوس ڪرڻ ۾ ايجنسين جي وچ ۾ عمل جي قيادت ڪندي رهندي، خرطوم ۽ پورٽ سوڊان ۾ پاڪستان جي سفير مير بهروز ريگي جي ٽيم ان عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي آهي ۽ سوڊان ۾ رهندڙ پاڪستانين جي انخلا ۽ انهن کي ملڪ وا??س آڻڻ تائين امداد فراهم ڪرڻ جاري رکندا. هن چيو ته ??ده ۾ اسان جو قونصليٽ جنرل سعودي عملدارن سان رابطو جاري رکندو ۽ ??ده جي رستي پاڪستانين جي اچ وڃ دور??ن مدد فراهم ڪندو.
سوڊان مان وڌيڪ 149 پاڪستاني شهرين کي کڻي جهاز ڪراچي پهتو: پرڏيهي آفيس ترجمان
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی