اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري مسلمان امت ۾ اتحاد ۽ خطي ۾ استحڪام جي حوالي سان سعودي ع??ب جي ڪامياب پرڏيهي پاليسي کي ساراهيندي چيو آهي ته سوڊان مان پاڪستانين کي ڪڍڻ ۾ مدد لاءِ سعودي ع??ب جي حڪومت جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري اهڙن خيالن جو اظهار سعودي پرڏيهي وز??ر فيصل جان فرحان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي سعودي هم منصب فيصل بن فرحان کي عيد جون مبارڪون ڏنيون. سعودي پرڏيهي وز??ر سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري خادم الحرمين شريفين سلمان بن عبدلعز??ز، ولي عهد محمد بن سلمان ۽ سعودي ع??ب جي عوام لاءِ پڻ مبارڪباد جو پيغام پهچايو. هن سوڊان مان پاڪستانين جي واپسي ۾ مدد لاءِ سعودي ع??ب جي حڪومت جي ڪردار جي ساراهه ڪئي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری