اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) اڳوڻي نگران وزيراعظم سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم( ايس سي او) سربراهي اجلاس 2024ع هڪ گهڻ رخي مصروفتين جو پليٽ فارم آهي ۽ پاڪستان علائقائي رابطن، سلامتي، اقتصادي سهڪار ۽ ميمبر ملڪن وچ ۾ واپار لاءِ ڪوش??ون ڪري رهيو آهي. شنگهائي تعاون تنظيم 2024ع جي موقعي تي پاڪ چائنه فرينڊشپ سينٽر جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ??ال??ائيندي هن چيو ته پاڪستان لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن سان نجي ??ال??ين ۽ ملاقاتن جو موقعو آهي. هن چيو ته سمورن شريڪ ملڪن جي سربراهن وچ ۾ علائقائي چيلنجن تي ??ال??ه ٻولهه جو هڪ بهترين موقعو به آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ا?? ۾ ??و شڪ ناهي ته ڀارت ڏکڻ ايشيا جي خطي ۾ هڪ وڏو ملڪ آهي پر في الحال اسان جو ڌيان سڄي خطي تي آهي. هن چيو ته پاڪستان صرف هندوستان تي ڌيان ناهي ڏئي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته اسان جو ميمبر ملڪن جي سربراهن خاص طور تي چين ۽ روس جي وزيراعظمن سان وڏيون مصروفتيون آهن. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ انوار الحق ڪاڪڙ ڏکڻ ايشيائي ملڪن وچ ۾ اقتصادي خوشحالي ۽ رابطن لاءِ علائقائي ملڪن جي مفاد ۾ سارڪ جهڙي ٻين علائقائي فورمز کي فع??ل ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو. هن چيو ته اولهه وارن ملڪن معيشت، واپار، گڏيل ثقافتي سرگرمين ۾ سهڪار لاءِ يورپي يونين جهڙا ڪيترائي پليٽ فارمز قائم ڪيا آهن، ان لاءِ هن قسم جو سهڪار هن خطي ۾ به قائم ٿيڻ گهرجي ۽ جنهن لاءِ سارڪ جهڙو پليٽ فارم گهڻو اهم آهي.
ايس سي او سربراهي اجلاس گهڻ رخي مصروفتين جو پليٽ فارم آهي: انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados