اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف ميجر مح??د اڪرم شهيد نشان حيدر کي سندس 53هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ميجر مح??د اڪرم شهيد اوڀر پاڪستان ۾ وڙهندي جرئت ۽ بهادري جو لازوال مثال قائم ڪيو، قوم پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين جي ملڪ جي لاءِ قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ميجر مح??د اڪرم شهيد (نشان حيدر) دشمن جي عددي برتري جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ان جو ڄمي مقابلو ڪيو. ميجر مح??د اڪرم شهيد فرض شناسي ۽ وطن سان وچن وفا جو اهڙو مثال قائم ڪيو جيڪو نوجوان نسل جي لاءِ قابل تقليد آهي. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم کي پاڪ فوج جي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين تي فخر آهي. وطن جي خاطر پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ وطن جي عظيم فرزندن جي لاءِ پوري قوم جا عقيدت جا جذبا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين جي وطن جي دفاع لا??ِ ڏني ويندڙ قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي.
وزيراعظم پاران ميجر محمد اڪرم شهيد نشان حيدر کي سندس 53هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو