واشنگٽن-17 جنوري (اي پي پي) آمريڪا ۾ پا??ستان جي سفير مسعود خان پا??ستاني ڄائي آمريڪي شخصيت فوزيه جنجوعه کي رياست نيوجرسي جي ٽائون شپ مائونٽ لارل جي ميئر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن.فوزيه جنجوعه پهرين مسلمان ۽ ڏکڻ ايشيائي عورت آهي جيڪا ان عهدي تي مقرر ٿي آهي.پاڪستاني سفارتخاني طرفان جاري پريس رليز موجب پا??ستاني سفير فوزيه جنجوعه سان ورچوئل ملاقات دوران چيو ته اوهان جي ڪاميابي پوري پا??ستان لاءِ فخر آهي ۽ پا??ستان ۽ آمريڪا ٻنهي لاءِ خوشي جو سبب آهي. هن چيو ته اوهان ٻنهي ملڪن وچ ۾ پل جي حيثيت رکو ٿا. پا??ستاني سفير ميئر کي مبارڪون ڏيندي آمريڪي سياست ۾ پا??ستاني ڄاون آمريڪين جي وڌندڙ ڪردار تي روشني وڌي، هن چيو ته پا??ستاني ڄاوا آمريڪي، آمريڪا جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي منظرنامي ۾ تمام وڏو حصو وجهي ??هي?? آهن، هن چيو ته اوهان جي چونڊ آمريڪي سياسي قيادت ۾ وڌندڙ تنوع ۽ آمريڪي سياست جي ڪڙين ۾ رنارنگ ثقافتن جي وڌندڙ انضمام جي نشاندهي ڪر?? ٿي. هن ميئر فوزيه جنجوعه کي دعوت ڏني ته هو پنهنجي تڪ جي واپارين ۽ ڪاروباري ماڻهن سان پا??ستان جو دورو ڪر?? ۽ کين پا??ستاني هم م??صبن سان جوڙين.اوهان پا??ستان ۽ آمريڪا وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي پل بڻائي سگهو ٿا ڇاڪاڻ ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي سيڙپڪاري جا وسيع امڪان موجود آهن. پريس رليز ۾ ٻڌايو ويو ته فوزيه جنجوعه اردو ۾ پا??ستاني ڊرامن، موسيقي ۽ کاڌي جي واکاڻ ڪئي. هن پنهنجي پٽن سان گڏ ئي پا??ستان جو دورو ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو جيڪي ملڪ جي ثقافت جو تجربو ڪرڻ جو منتظر آهن.
پاڪستاني سفير مسعود خان پاران فوزيه جنجوعه کي مائونٽ لارل جي ميئر چونڊجڻ تي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین